ٻانڌي ۾ موٽرسائيڪل سوارن جي فائرنگ، 2 ڄڻا قتل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٻانڌي – مورو روڊ جمالي مارڪيٽ ۾ اڻڄاتل ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٻه ڄڻا قتل ٿي ويا ،

موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني جنھن جي نتيجي ۾ ڪرياني جي دوڪان تي ويٺل ڳوٺ ٻڍو خان جمالي واسي شاھد رضا جمالي ۽ بشير احمد جمالي زخمي ٿي پيا

زخمين کي مقامي ماڻهن رورل هيلٿ سينٽر ٻانڌي پھچايو ويو ، شاھد رضا جمالي دم ڏنو جنهن بعد بشير احمد جمالي کي طبي امداد ڏيڻ بعد نوابشاھ اسپتال ڪيو پيو وڃي جيڪو رستي ۾ فوت ٿي ويو

اھڙو اطلاع ملندي ئي سندن گھر ۾ ڪھرام مچي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.