ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) زمبابوي خلاف 5 ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز لاءِ ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو.
بي سي سي آءِ طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، ايندڙ مهيني زمبابوي خلاف شيڊيول ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ شُڀمَن گِل جي قيادت ۾ پندرنهن رُڪني اسڪواڊ چونڊي وئي آهي.
بي سي سي آءِ طرفان اعلانيل اسڪواڊ ۾ شُبمَن گِل ڪپتان، رتو راج گائيڪواڙ، يشسوي جئسوال، اڀيشيڪ شرما، رنڪو سنگهه شامل آهن.
سنجو سيمسن (وڪيٽ ڪيپر) ، ڌرو جوريل ( وڪيٽ ڪيپر )، نتيش ريڊي، ريان پراگ، واشنگٽن سُندر، روي بشنوئي، اويش خان به اسڪواڊ جو حصو آهن.
ان کانسواءِ خليل احمد، مُڪيش ڪمار ۽ توشار ديش پانڊي کي به ڀارتي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته ڀارت ۽ زمبابوي وچ ۾ پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ڇهه جولاءِ کان شروع ٿيندي.
Indiancricketteam BCCI zimbabweCricketteam