پاڪستان ٽيم ۾ ڪڏهن به استحڪام ناهي رهيو: عثمان خواجا

ميلبورن( ويب ڊيسڪ ) آسٽريلوي ڪرڪيٽر عثمان خواجا چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جو ٽلينٽ گهڻو آهي پر استحڪام نه آهي، اهڙي صورتحال ۾ ڪارڪردگي ڏيکارڻ ڏکيو هوندو آهي.
ميلبورن ۾ هڪ تقريب دوران آسٽريلوي اوپنر چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ۾ وڏو ٽلينٽ آهي، پر مان جڏهن ته ٻاهران ڏسندو آهيان ته پاڪستان ٽيم ۾ هر شئي تبديل ٿيندي رهندي آهي، سليڪشن ڪميٽي، سليڪٽر ۽ اسٽاف تبديل ٿيندو رهندو آهي ٽيم ڪيئي رانديگر پڻ تبديل ٿيندا آهن.
هن چيو ته اهڙي صورتحال مشڪل هوندي آهي، استحڪام اهم ۽ ضروري هوندو آهي، ڇو ته جڏهن استحڪام نه هوندو ته رانديگرن لاءِ پرفارم ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي، مون پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ۾ ڪڏهن به استحڪام ناهي ڏٺو.
بابر اعظم جي ڪپتاني بابت سوال جي جواب عثمان خواجا چيوته ڪپتاني ڪرڻ بابر اعظم جو فيصلو آهي، جيڪڏهن هو ڪري سگهي ٿو ته کيس ڪرڻ گهرجي.

BabarAzam PakistanCricketteam UsmanKhawaja

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.