وزير اعظم وفاقي ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي گهرائي ورتو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي گهرائي ورتو آهي.
ذريعن موجب وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ نيشنل ايڪشن پلان جي ايپڪس ڪميٽي جي فيصلن منظوري ڏني ويندي.
وفاقي ڪابينا اجلاس دوران ملڪ جي سيڪيورٽي صورتحال جو به جائزو وٺندي.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن پهريان وزير اعظم جي صدارت هيٺ نيشنل ايڪشن پلان تي مرڪزي ايپڪس ڪميٽي اجلاس ۾ دهشتگردي خلاف آپريشن ”عزم استحڪام“ جي منظوري ڏني وئي هئي.
Pakistan FederalCabinet PrimeMinister

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.