ڪارڪردگي ٻُڙي هئڻ باوجود قومي ڪرڪيٽرز جون دنگ ڪري ڇڏيندڙ پگهارون، انگ اکر سامهون اچي ويا

آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ بدترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ کانپوءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم تي تنقيد جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته ڪپتان بابر اعظم ۽ محمد رضوان کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي اي ڪيٽيگري مان نيڪالي ڏيڻ جو امڪان آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) پاران ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ بري طرح ناڪام ٿيندڙ قومي ٽيم جي رانديگرن جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي حوالي سان تفصيل جاري ڪيا ويا آهن.
اِها اڳڀرائي ان وقت سامهون آئي آهي جڏهن پاڪستان ٽيم جي ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ پهرئين مرحلي مان ٻاهر ٿيڻ کانپوءِ پي سي بي رانديگرن جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ ڦيرڦار تي غور ڪري رهيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪجهه رانديگرن جي خراب ڪارڪردگي سبب سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ تنزلي ٿيندي جڏهن ته ڪجهه رانديگر پنهنجي سينٽرل ڪانٽريڪٽ کان محروم به ٿي سگهن ٿا.
پي سي بي جي موجودا سينٽرل ڪانٽريڪٽ دستاويز موجب، اي ڪيٽيگري جا رانديگر جنهن ۾ بابر اعظم، محمد رضوان ۽ فاسٽ بالر شاهين آفريدي شامل آهن کي 45 لک رپيا ماهوار ادا ڪيا ويندا آهن.
سنٽرل ڪانٽريڪٽ جي بي ڪيٽيگري ۾ شاداب خان، فخر زمان، حارث رئوف ۽ نسيم شاهه شامل آهن جن کي پي سي بي طرفان ماهوار 30 لک رپيا ملندا آهن.
سي ڪيٽيگري جي رانديگرن کي اٽڪل 15لک رپين تائين معاوضو ڏنو ويندو آهي ۽ ان ۾ عماد وسيم ۽ عبدالله شفيق شامل آهن.
ان کانسواءِ ڊي ڪيٽيگري جي رانديگرن کي به سي ڪيٽيگري جي برابر ئي معاوضو ڏنو ويندو آهي ۽ انهن ۾ افتخار احمد، حسن علي، صائم ايوب جهڙا رانديگر شامل آهن.
واضح رهي ته ڄاڻايل انگ اکر رڳو انهن رانديگرن جي ماهوار پگهارن جا آهن جڏهن ته رانديگر ان کانسواءِ ميچ فيس، ٽنهي فارميٽن ( ٽيسٽ، ون ڊي، ٽي ٽوئنٽي ) ۾ اسپانسر شپ ۽ بونسز ذريعي معاوضو وصول ڪندا آهن.
موجودا ٽي سالا سينٽرل ڪانٽريڪٽ رانديگرن کي گذريل سال ڏنو ويو هو جيڪو پهرين جولاءِ 2023 کان لاڳو آهي.

pakistancricketteam pcb centralcontract

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.