ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سموري ملڪ ۾ سون جي قرمت ۾ هڪ ڀيرو وري سوين رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون پنج سئو رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 42 هزار جو ٿي ويو آهي.
اهڙي ريت ڏهه گرام سون 429 رپيا واڌ کانپوءِ 2 لک 7 هزار 476 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 8 ڊالر واڌ بعد 2328 ڊالرز آهي.
Gold Pakistan Goldrate