اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا ته عمران خان وزير اعظم هيو ته اليڪشن ڪميشن تي اثرانداز ٿيندو رهيو.
سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 13 رڪني فل ڪورٽ بئنچ ڪئي.
سني اتحاد ڪائونسل جي وڪيل فيصل صديقي طرفان پنهنجن دليلن ۾ جسٽس منيب اختر،جسٽس جمال مندوخيل ۽ جسٽس منصور علي شاهه جي فيصلن جو حوالو ڏنو.
وڪيل فيصل صديقي چيو ته آرٽيڪل 51 ۽ 106 سان ٽي ضروري نڪتا ٻڌائڻ ضروري آهي، آزاد اميدوار ڪنهن به سياسي جماعت ۾ شامل ٿي سگهن ٿا، اليڪشن ڪميشن سياسي جماعت جي غلط تشريح ڏني آهي، مخصوص سيٽن بابت آئين کي نظرانداز ڪيو ويو.
چيف جسٽس وڪيل فيصل صديقي سان مڪالمو ڪندي چيو ته اليڪشن ڪميشن يا اوهان ڇا سوچي رهيا آهيو، جيڪو سوچي رهيا آهيو اهو سوچڻ ڇڏي ڏيو، اليڪشن ڪميشن به آئين تي انحصار ڪندو، اليڪشن ڪميشن آئين جي غلط تشريح به ڪري سگهي ٿو، اوهان پنهنجي نه آئين موجب تشريح ٻڌايو.
جسٽس اطهر من الله چونڊ نشان کسجڻ بعد سياسي جماعت ناهي رهي، اليڪشن ڪميشن ان لسٽڊ سياسي جماعت ته قرار ڏنو آهي.
چيف جسٽس جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ هاڻي به سياسي جماعت آهي ته پوءِ ٻي پارٽي ۾ اميدوار ڇو شامل ٿيا؟ اوهان ٻي جماعت ۾ شامل ٿي خودڪشي ڪئي جيڪا اوهان جي دليل خلاف وڃي رهي آهي.
Pakistan ChiefJustice Imrankhan