مولانا فضل الرحمان آپريشن عزم استحڪام جي مخالفت ڪري ڇڏي

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هن وقت ۾ رياست جي رٽ نه هجڻ برابر آهي.
مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته خيبرپختونخواهه هجي يا بلوچستان، هٿياربند تنظيمون سريعام عام علائقن کي ڪنٽرول ڪري رهيون آهن، خيبرپختونخواهه ۾ سج لهڻ بعد پوليس ٿاڻن ۾ بند ٿي ويندي آهي.
جي يو آءِ سربراهه چيو ته هنن هاڻي آپريشن عزم استحڪام شروع ڪرڻ جو چيو آهي، اهو عدم استحڪام آپريشن آهي جيڪو ملڪ کي ڪمزور ڪندو، مولانا فضل الرحمان سوال ڪيو ته ملڪ کي ڪمزور ڇو پيو ڪيو وڃي؟
سندس چوڻ هو ته شهباز شريف وزير اعظم ناهي بس ڪرسي تي ويٺل آهي، جنهن اجلاس ۾ وردي وارو موجود هوندو اتي فيصلو به وردي واري ڪندو، ڇا اسان پاڪستان انهي ڪري حاصل ڪيو هو ته جرنلز جي غلامي ڪيون.
جي يو آءِ سربراهه ٻڌايو ته اسان ڪنهن اتحاد جي مخالفت نٿا ڪيون، سياسي ماڻهن کي پاڻ ۾ صلاح مشورا ڪرڻ کپن، ڳالهين جا سٺا نتيجا ملندا آهن، جمهوريت ۽ پارليامينٽ پنهنجا پنهنجا ڪيس هارائي چڪا آهن، اسان کي هڪ ڇت هيٺان رهڻو آهي.
MolanaFazulRehman Pakistan JUI

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.