اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) صدر پاران سپريم ڪورٽ ۾ ٽن ججن جي مقرريءَ جي منظوري ڏني وئي، جنهن نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
صدر آصف علي زرداري جسٽس عقيل احمد عباسي، جسٽس ملڪ شهزاد احمد خان ۽ جسٽس شاهد بلال حسن کي سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
صدر جي منظوري کانپوءِ قانون واري وزارت ٽنهي ججن جي سپريم ڪورٽ ۾ مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
ياد رهي ته جڊيشل ڪميشن ٽنهي ججن جي مقرريءَ جي سفارش ڪئي هئي.
Prev Post
You might also like