”مذهبي اسٽيبلشمينٽ“ ملڪ جي پهرين انساني کير جي رٿا کي ناڪام بڻائي ڇڏيو

اسلام آباد(عمر چيما) مذهبي اسٽيبلشمينٽ هيومن ملڪ جو پراجيڪٽ ناڪام بڻائي ڇڏيو، سنڌ انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ اينڊ نيونيٽولوجي(ايس آءِ سي ايڇ اين) پاران ٻارن ۾ ماءُ جي کير جي کوٽ جي حوالي  سان هڪ بهترين منصوبو آندو ويو هو جنهن ۾ ماءُ جي کير جي کوٽ جو شڪار ٻارن کي کيرپياڪ ٻارن جي امڙين کي کير وٺي کير پهچائڻ جو منصوبو هو جنهن ۾ ان ڳالهه کي به يقيني بڻايو ويو هو ته کير ڏيندڙ عورت جي ڊيٽا رڪارڊ ۾ رکي ويندي جيئن اهو ٻار جيڪڏهن وڏو ٿئي ته کيس خبر هجي ته هي منهنجي رضاعي ماءُ آهي ان جي ٻارن سان شادي نٿي ٿي سگهي،غير مذهب وارين عورتن جي حوالي سان به سنڌ انسٽيٽيوٽ اهو يقيني بڻايو ته اهو کير مسلم ٻار کي نه  ڏنو ويندو پر مذهبي حلقن جي شديد ردعمل سبب اهو پراجيڪٽ شروع ٿيڻ کان اڳ ئي رڪجي ويو آهي، اهو معاملو هينئر اسلامي نظرياتي ڪائونسل ۾ غور لاءِ موڪليو ويو آهي، جڏهن ته جنهن مفتي ان کير بابت فتويٰ ڏني هئي اهو به لڳي ٿو ته دباءُ ۾ اچي ڏني هئي، پاڪستان دنيا ۾ ماءُ جي کير جي کوٽ جو شڪار ملڪن ۾ ٻئي نمبر تي اچي ٿو،پهرين نمبر تي آفريقا جو ڪو ملڪ آهي، هڪ رپورٽ موجب هر سال پاڪستان ۾ ماءُ جي کير جي کوٽ جو شڪار اڍائي لک ٻار فوت ٿي وڃن ٿا،واضح رهي ته جامعه دارالعلوم ڪراچي انساني کير جي بئنڪ جي حق ۾ فتويٰ جاري هئي ،ان فتويٰ ۾ اڳواٽ شرطن جي هڪ فهرست ڏني هئي انهن شرطن مطابق اهو ضروري آهي ته کير فراهم ڪندڙ مائرن ۽ اهو کير پيئندڙ ٻارن ۽ انهن جي مائرن جي مڪمل ڊيٽا شايع ڪئي وڃي، ان طرح اهو کير رڳو مسلم مائرون ٻين مسلم مائرن کي ئي ڏئي سگهن ٿيون ۽ اها سروس مفت فراهم ڪئي ويندي پر 16 جون تي جامعه دارالعلوم پنهنجي پهرين اجازت نامي کي رد ڪندي چيو ته اڳواٽ شرطن کي پورو ڪرڻ تقريبن ناممڪن نظر اچي ٿو، ايس آءِ سي ايڇ اين جي هڪ بيان ۾ چيو ويو ته وقت کان اڳ پيدا ٿيندڙ ٻارن يا تازي ڄاول ٻار جو وزن ٻه ڪلو کان گهٽ هجي اڪثر انهن جي غذائيت کي پورو ڪرڻ لاءِ ماءُ جو کير ڪافي ناهي هوندو،سوشل ميڊيا تي خبر وائرل ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان جي مذهبي طبقي جو چوڻ آهي ته ”انساني کير بئنڪ“ شرعي اصولن جي نفي آهي، جڏهن ته ملڪ جي آزاد خيال طبقو ان جي حق ۾ آهي، بحث ۾ شدت اختيار ٿيڻ کانپوءِ ناليواري مفتي تقي عثماني هيومن ملڪ بئنڪ جي ناجائز هئڻ جي فتويٰ جاري ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ ان اداري جون سموريون سرگرميون روڪيون ويون آهن.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 24 جون 2024ع تي شايع ٿيو

Humanmilkbank Karachi suspended

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.