موسمياتي تبديلي جو منفي اثر ۽ حفاظتي اپائن جي گھرج

دنيا ۾ وڌندڙ گرمي پد ۽ موسمن جي ڦيري واري توازن جي بگاڙ جا گھڻا ئي منفي اثر ظاھر ٿي رھيا آھن،گوبل وارمنگ يا عالمي تپش جي واڌ کان ڪو بھ ملڪ محفوظ نھ آھي، پر غريب ملڪ ان ۾ وڌيڪ متاثر ٿي رھيا آھن،اڃان بھ جن ملڪن ۾ وڌيڪ بدانتظامي آھي ان جي شھري تھ اڃان پڻ گھڻو ڪجهھ ڀوڳي رھيا آھن.

سنڌ بھ ھن وقت گھڻي گرمي ٿي رھي آھي،مٿان وري بجلي مھيا ڪندڙ ادارن جي مھرباني سان اڳي جيڪا رسمي طور بجلي ڏني ويندي ھئي، ان ۾ لوڊشيڊنگ جو وقت وڌائڻ جي ڪري ماڻھون جيئري ئي ٻاڦجي رھيا آھن،علائقن ۽ اتي جي زميني بيھڪ توڙي ماحول جو ٿورو گھڻو فرق آھي پر ھن شديد گرمي جي اثر کان محفوظ ڪو بھ نھ آھي.

ڪراچي ۾ آچر واري ڏينھن  وڌ کان وڌ گرمي پد 40 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو جڏهن ته گرمي جي شدت 44 ڊگري سينٽي گريڊ تائين محسوس ڪئي وئي.موسميات کاتي ايندڙ 3 ڏينهن تائين شهر  ۾ سخت گرمي جي اڳڪٿي ڪئي آهي، 3 ڏينهن ۾ پارو 40 ڊگري سينٽي گريڊ جي ويجهو رهندو، هوا ۾ واڌ سبب گرمي پد 48 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچيءَ  شهر  ۾ گرمي جي لهر سبب خطرناڪ صورتحال پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي.

موسم جي ماھرن موجب  ايندڙ هفتي ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ برسات جو ڪو به امڪان ناهي پر ڪراچي ۾ صبح يا شام جي وقت هلڪي برسات پئجي سگهي ٿي.

ڪراچي جا شهري سخت گرمي ۾ لوڊشيڊنگ سبب گھڻو پريشان ٿي ويا آھن، ڪراچي جي اڪثر علائقن ۾ ڏينهن ۽ رات جي دوران اعلانيل ۽ غير اعلانيل لوڊشيڊنگ شهرين جي زندگي مفلوج بڻائي ڇڏي آهي.بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب اسڪيم نمبر 33، گلزار هجري، گلشن اقبال، اورنگي، ڪورنگي، ڪياماڙي، لياري، ملير، گڏاپ، لياقت آباد،ناظم آباد، سرجاني، نيو ڪراچي، بلديه سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي به متاثر ٿي آهي 12 کان 14 ڪلاڪ بجلي نھ ھئڻ ڪري ماڻھن خاص ڪري ٻارن جي حالت خراب ٿي وڃي ٿي.

ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان موجب سڄي شهر ۾ وڌ کان وڌ 10 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي ۽ ڪراچي جو 70 سيڪڙو حصو لوڊشيڊنگ کان آجو آهي.پر اھڙي بيان جو حقيقت سان ڪو بھ تعلق نٿو لڳي.لوڊشيڊنگ کان بيزار ماڻھو شھر جي مختلف علائقن ۾ احتجاج بھ ڪندا رھن ٿا پر انتظاميھ ان جو رسمي طور بھ نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار نھ آھي.

سنڌ جي اندرين علائقن ۾ ايندڙ ڪجهه ڏينهن تائين سج لٿي وقت برسات جو سلسلو جاري رهندو، جيڪب آباد، دادو، لاڙڪاڻو، شڪارپور، قمبر، شهدادڪوٽ ۽ گهوٽڪي ضلعن ۾ گرمي پد 46 کان 48 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي.پراونشل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (PDMA) پنجاب هن سال مون سون جي برساتن ۾ 35 سيڪڙو وڌيڪ برسات پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي، جولاءِ جي پهرين هفتي ۾ 50 ملي ميٽر ۽ ٻئي هفتي ۾ 35 ملي ميٽر تائين برسات پوڻ جو امڪان آهي.جنھن سان شهري ٻوڏ جو خطرو پڻ آهي.

موسم جي اھڙي خطرناڪ صورتحال ھوندي حڪومتي سطح تي عوام جي ڀلائي يا مستقبل جي لاءِ ڪا بھ رٿابندي نظر نٿي اچي.جنھن سان اھو چئي سگھجي تھ اڳتي ھلي ان جو ڪو بھتر نتيجو نڪري سگھندو.

گڏيل قومن اڳڪٿي موجب ايندڙ پنجن سالن ۾80 سيڪڙو امڪان آهي ته ڌرتيءَ جو گرمي پد 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ کان وڌي ويندو. موسمياتي تبديلي واري اداري چيو آهي ته 2015ع جي پيرس موسمياتي معاهدي ۾ عالمي گرمي پد کي صنعتي دور کان اڳ واري سطح کان 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ تائين محدود رکڻ تي زور ڏنو ويو ھو ته پر عالمي سطح تي پڻ ڪيئي رڪاوٽن سبب ان تي ڪو عمل ٿيندي نظر نھ پيو اچي.

يورپي يونين جي موسمياتي تبديلي سروس جي رپورٽ ۾ چيو ويو آھي تھ گذريل مئي گرم ترين مهينو رڪارڊ ڪيو ويو هو. جنھن سان اھا نشاندھي ٿي رھي آھي تھ انساني عمل دخل جي ڪري موسمياتي تبديلي ۾ واضح فرق آيو آھي.جنھن جا ھن ڌرتيءَ تي موجود ھر مادي تي اثر پوندا،خاص ڪري ساھوارن جيون، انسانن،ٻوٽن،جانورن،مڇين ۽ ٻي مخلوق متاثر ٿيندي.

ماھرن جو چوڻ آهي ته 2015 کان وٺي موسمياتي تبديلي ۾ تيزي آئي آھي.ڊرامائي آبهوا جي تبديلي اڳ ۾ ئي سڄي دنيا کي نقصان پهچائي رهي آهي، جنھن ڪري ڪٿي ٻوڏون تھ وري ڪٿي ڏڪار واري صورتحال جنم وٺي رھي آھي.گليشيئر يا برفاني ڇپون تيزي سان ڳري رهيون آهن ۽ سمنڊ جي سطح مٿي ٿي رهي آهي.

اھڙي خطرناڪ موسمي تبديليءَ جا منفي اثر ھڪڙا ظاھر ٿي رھيا آھن،ٻيا جلد ئي ظاھر ٿيندا،ڪجهھ ماھرن جي اڳڪٿي آھي تھ ھن سال سنڌ ۾ 2022 کان بھ وڌيڪ برساتون ۽ ٻوڏون اينديون.جنھن ڪري اڳي ئي سنڌ جي ماڻھن ۾ خوف پئدا ٿي ويو آھي.حڪومت عوام کي محفوظ ڪرڻ بابت ڪنھن حڪمت عملي جوڙي نھ سگھي آھي.اڳي جيان ھاڻي بھ برسات کي قدرتي آفت قرار ڏئي ڪري ھميشھ جيان پاڻ کي بچائي ويندي.

سنڌ اھڙو صوبو آھي جيڪو زمني بيھڪ جي لحاظ کان پڇڙ وارو آھي،جئين پڇڙ جا ھاري ۽ زميندار يا تھ پاڻي لاءِ سڪندا آھن يا وري ٻڏندا آھن.ان جيان سنڌ جو ماڻھون  پڻ خاص ڪري مٿان کان وڌيڪ پاڻي اچڻ ڪري ٻوڏن کي منھن ڏئي ٿو.وقت جي حڪومت کي ماھرن جي ڪيل اڳڪٿي کي سمجھندي برسات ۽ ان جي ڪري ٿيندڙ ٻوڏ کان بچاءِ لاءِ ڪم ڪرڻ گھرجي.ھن وقت جاري لوڊشيڊنگ کي ختم ڪري ماڻھن کي ساھ کڻن جو حق ڏنو وڃي ۽ ماحول جي صورتحال کي منھن ڏيڻ جي لاءِ ماحولياتيءَ ڄاڻ ۽ سجاڳي ڏئي ڪري، سرڪاري ادارن کي وڻن پوکڻ ۽ اڳ ۾ موجود وڻن کي نھ وڍڻ جو پابند ڪيو وڃي.

دنيا ۾ متبادل توانائي تي تمام گھڻو ڪم ٿي رھيو آھي،پنھنجي لاءِ فائدي جي ڳالھھ ڪنھن ٻئي کان سکڻ ھن دور ۾ ڪو ڏکيو نھ آھي.اميد ڪجي ٿي تھ حڪومت مٿي ذڪر ڪيل مسئلن کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪندي ۽ ڪنھن امڪاني ٻوڏ جي ڪري ٿيندڙ نقصان کي گھٽائڻ ۾ ڪا ڪسر نھ ڇڏيندي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.