اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ نوشين افتخار پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر لاءِ پارليامينٽ ۾ چوڙيون خريد ڪري آئي.
تقرير ڪندي نوشين افتخار چيو ته اسد قيصر ايوان ۾ چوڙين جي ڳالهه ڪئي ته مان به چوڙيون وٺي آيس، هڪ جوڙو پنهنجي لاءِ ۽ ٻيو اسد قيصر لاءِ ورتو.
هن چيو ته هي ايوان سرڪس جيان آهي، جتي تماشو لڳل آهي، پي ٽي آءِ ڊسڪا چونڊون چورائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي، سڀني سياسي جماعتن جون عورتون احترام لائق آهن.
واضح رهي ته اسد قيصر پنهنجي تقرير ۾ چوڙين کي عورت جي ڪمزوري سان ڀيٽيو هو.
You might also like