اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ علي محمد خان بينظير ڀٽو جي قتل تي جڊيشل ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي علي محمد خان چيو ته جيڪا به حڪومت ايندي آهي، اها اهو ڪم ناهي ڪندي، جيڪو ان کي ڪرڻ گهرجي، شازيا مري جي سڀني ڳالهين مان متفق آهيان، فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن جي بنا توهان ڪجهه ناهيو.
هن چيو ته 16 جون 1948 ۾ قائداعظم فوجي آفيسرن کي چيو ته پاليسيون ٺاهڻ توهان جو ڪم ناهي، عوام لياقت علي خان کي چونڊيو، ان کي ڇو چونڊيو ويو.
سندس چوڻ هو ته اسان ڪيتريون بينظير، ڪيترا لياقت علي خان ۽ ڪيترا ڀٽو قربان ڪنداسين، قوم کي بينظير ڀٽو جي قاتلن جو اصل چهرو ڏيکاريو وڃي.
علي محمد خان مطالبو ڪيو ته بينظير ڀٽو جي قتل، سائفر ۽ 9 مئي واقعن تي جڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي.
You might also like