ايڪس تي لائيو اسٽريمنگ فيچرز کي محدود ڪرڻ جو فيصلو

سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس ۾ هڪ مشهور فيچر عام واهپيدارن جي پهچ کان پري ڪيو پيو وڃي.
ايڪس جي لائيو اسٽريمنگ فيچر کي سبسڪرپشن واهيپيدارن لاءِ محدود ڪيو پيو وڃي.
ڪمپني طرفان اهڙي تبديلي جو اعلان ڪيو ويو آهي ته پر اهو ناهي ٻڌايو ويو ته ائين ڇو پيو ڪيو وڃي.
پر اهڙو ان محل ڪيو پيو وڃي جڏهن گذريل ڏينهن خبر پئي ته ايڪس تي آمدني ۾ مسلسل گهٽائي ٿي رهي آهي.
اهڙي طرح ايڪس پهريون سوشل ميڊيا پليٽ فارم بڻجڻ جي ويجهو آهي، جنهن ۾ لائيو اسٽريمنگ فيچر جي ماهانا فيس ادا ڪرڻ وارن واهپيدارن تائين محدود ڪيو پيو وڃي.
ياد رهي ته ايلون مسڪ جي ٽوئيٽر خريد ڪرڻ بعد ڪيترائي فيچر سبسڪرپشن ماڊل تائين محدود ڪيا ويا آهن.
X ElonMusk Technology

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.