مراد علي شاهه بنا پروٽوڪول جي مرتضيٰ وهاب سان گڏ ڪراچي جي دوري تي نڪري پيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏو وزير مراد علي شاهه بنا پروٽوڪول جي ميئر مرتضيٰ وهاب سان گڏ شهر جي دوري تي نڪري پيو، ميئر کيس چوماسي برساتن جي سلسلي ۾ اڳواٽ تيارين تي بريفنگ ڏني.
ميئر جي ترجمان موجب مرتضيٰ وهاب پاڻ گاڏي هلائي وڏي وزير کي وٺي اڳ ۾ نرسري پهتو، اتي هن نالن جي صفائي تي وڏي وزير کي بريفنگ ڏني.
مراد علي شاهه کي بلوچ ڪالوني ڀرسان نالن جي صفائي جي ڪم جو معائنو به ڪرايو ويو، وڏي وزير نالن جي بند پوائنٽ فوري طور کولڻ جي هدايت ڪئي.
ترجمان موجب مراد علي شاهه برساتن کان اڳ سڀني نالن جي صفائي جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته ڪا به ڪوتاهي نه ٿيڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.