گوگل طرفان اينڊرائڊ فونز لاءِ هڪ اهڙي نئين فيچر جي آزمائش ڪئي پئي وڃي، جيڪو بيٽري جي لائيف بهتر ڪندو.
اڊاپٽو ٽائم آئوٽ نالي اهو فيچر اينڊرائڊ 15 جي نئين بيٽا ورجن ۾ سامهون آيو آهي.
فيچر ان وقت پاڻمرادو طور اسڪرين کي بند ڪري ڇڏيندو، جڏهن اوهان ڊيوائس کي استعمال نه ڪري رهيا هوندا.
گوگل جي هڪ ترجمان طرفان انهي فيچر جي تصديق ڪئي وئي آهي، مڪمن طور تي انهي فيچر لاءِ ڊيوائس جي مختلف سينسرز کي استعمال ڪيو ويندو جيڪي انهي ڳالهه جو تعين ڪندا ته اوهان فون استعمال ڪري رهيا آهيو يا نه.
جيڪڏهن ڊيوائس کي محسوس ٿيو ته اوهان فون کي استعمال نه ڪري رهيا آهيو ته اسڪرين ٽرن آف ٿي ويندي، جنهن سان فون جي بيٽري لائيف وڌڻ ۾ مدد ملندي.
گوگل طرفان هن محل تائين اهو واضح ناهي ڪيو ويو ته اهو فيچر ڪيئن استعمال ٿيندو.
Google Battery SmartPhones
Next Post
You might also like