اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ شازيا مري چيو آهي ته پگهاردار طبقي تي وڌيڪ ٽيڪس لڳايا ويا، هڪ طبقي کي ٽارگيٽ نه ڪيو.
قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي شازيا مري چيو پگهار 37 هزار رکي آهي ته ان تي عمل به ڪرايو وڃي، بجيٽ بلاول ڀٽو جي سربراهي ۾ نه ٺهي، بهتر هجي ها ته ٽيڪسن کي بيلنس ڪيو وڃي ها.
هن چيو ته پيٽرول تي ليوي 60 مان وڌائي 80 رپيا ڪئي وئي، اڳ کان ٽيڪس ڏيندڙن تي ئي ٽيڪس جو وڌيڪ بار وڌو پيو وڃي، هيلٿ سيڪٽر تي 18 سيڪڙو ٽيڪس لڳايو ويو.
سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ اسان وٽ 10 اين آءِ سي وي ڊي اسپتالون آهن، هر سال 23 لک ماڻهو علاج ڪرائيندا آهن، ٻين صوبن مان به وڏو انگ ايندو آهي، اهڙي هڪ اسپتال ٺاهي ڏيکاريو، نٿا ٺاهي سگهو ته جيڪي آهن انهن تي بار نه وجهو.
You might also like