مشهور اداڪار عثمان مختار ۽ صنم سعيد کي فلم ”عمر و عيار“ ۾ بهترين پرفارمنس تي آسڪر ايوارڊ ملي ويو.
انسٽاگرام تي پوسٽ ڪيل وڊيو ۾ ايوارڊ حاصل ڪرڻ بعد تقرير ڪندي عثمان مختار خوبصورت ٽرافي ڏيڻ تي اڪيڊمي ايوارڊز جو شڪريو ادا ڪيو ۽ گڏو گڏ سينيما اچي فلم ڏسڻ وارن جو به ٿورو مڃيو.
اداڪار پاڪستان جي سڀ کان مهانگي فلم رليز ڪرڻ تي پروڊيوسر کي به ساراهيو، ٻئي پاسي ايوارڊ حاصل ڪرڻ واري اداڪارا صنم سعيد به پنهنجي والدين،دوستن سان گڏوگڏ سمورن اداڪاران جا نالا کڻي هڪ هڪ ڪري سڀني جو ٿورو مڃيو.
پر اهو ڪوئي اصلي آسڪر نه ٻئي دبئي ۾ مادام تسائو ميوزيم ٻاهران آسڪر ايوارڊ جي هڪ مجسمي سان وڊيو ٺاهي رهيا هئا.
ٻنهي جي اهڙي مزاحيا وڊيو کي سوشل ميڊيا واهپيدارن گهڻو پسند ڪيو ۽ ڪمنٽ سيڪشن جي فلم ۾ انهن جي ڪم جي تعريف به ڪئي وئي.
Pakistan UmroAyar Actress
Prev Post
You might also like