خانپور مهر ۾ بيڪري کي باهه، لکين رپين جو سامان سڙي رک

خانپور مهر ( رپورٽ: ميهر مهر ) خانپور مهر ۾ بيڪري کي باهه لڳڻ سبب لکين رپين جو سامان سڙي رک ٿي ويو.
شهر جي مين شاهي بازار ۾ هندو سيٺ شنڪر لال جي بيڪري ۾ باهه لڳي وئي، اطلاع تي فائر برگيڊ عملي پهچي باهه تي ظابطو آندو ۽ وڌيڪ دڪانن کي نقصان کان بچائي ورتو.
مالڪ موجب بيڪري اندر رات جي وقت بيٽري ڦاٽڻ سبب باهه لڳي، جنهن سبب بيڪري ۾ پيل فرجون ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو، جنهن جي ماليت لکين رپيا آهن، حڪومت مدد ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.