اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ اڄ به فوج خلاف ۽ دهشتگردن سان گڏ بيٺي آهي.
قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي خواجا آصف چيو ته آپريشن عزم استحڪام جو فيصلو ايپڪس ڪميٽي اجلاس ۾ ڪيو ويو، ڪميٽي ۾ پي ٽي آءِ شامل رهي، ڪي پي جو وڏو وزير به اجلاس ۾ موجود هو، ان جي سامهون سڀ ڳالهيون ٿيون پر هن ايوان ۾ به آپريشن تي ڳالهائينداسين.
هن چيو پي ٽي آءِ کي ڪو اعتراض آهي ته ان تي ڳالهائي سگهي ٿي، اڄ اهي هن ايوان ۾ احتجاج ڪري دهشتگردن سان گڏ بيٺا آهن، فوج خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن، اهي ڪالهه به 9 مئي وارا هئا، اڄ به آهن ۽ سڀاڻي به رهندا.
خواجا آصف آپريشن ڪرڻ جي تصديق ڪندي چيو ته ايپڪس ڪميٽي ۾ اڳ کان اڻ پورا آپريشنز اڳتي وڌائڻ جي منظوري ڏني وئي، ڪميٽي جي فيصلي کي ڪابينا ۾ آڻي رهيا آهيون، جنهن کانپوءِ معاملو ايوان ۾ آڻينداسين.
pti pmln khawajaasif