اظهر محمود پاران الزام لڳائيندڙن خلاف قانوني ڪارروائي جو اعلان

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اسسٽنٽ ڪوچ اظهر محمود الزام لڳائيندڙن خلاف قانوني ڪارروائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
پنهنجي بيان ۾ قومي ٽيم جي اسسٽنٽ ڪوچ اظهر محمود چيو آهي ته سوشل ميڊيا ۽ ٻين ميڊيا پليٽ فارمز تي بي بنياد الزام لڳايا ويندا آهن، اهي سمورا الزام ڪوڙا ۽ بي بنياد آهن.
اڳوڻي ڪرڪيٽر جو چوڻ هو ته ڪوڙا الزام لڳائي عوام کي گمراهه ڪرڻ جو سسلسو مايوس ڪندڙ ۽ خطرناڪ آهي، شاهدين بنا ڳالهائڻ قانوني ڏوهه آهي، اهڙن سمورن ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
اظهر محمود ٻڌايو ته ڪوڙا الزام لڳائي سوشل ميڊيا تي ڌيان حاصل ڪرڻ جو عمل ناقابل قبول آهي، مون تي ۽ منهنجي فيملي تي بي بنياد الزام لڳائيندڙ خلاف ايڪشن ٿيندو.
pakistan pct azharmehmood

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.