سخت گرمي ۾ سنڌ ۾ بجلي ناهي، 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ عذاب آهي: آصفه ڀٽو زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ميمبر آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته هن وقت ملڪ ۾ تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ مهانگائي ۽ بيروزگاري آهي.
قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته نئين سال جي بجيٽ عوام جي نمائندگي نٿي ڪري، بجيٽ ۾ هارين ۽ عام ماڻهو کي رليف ملڻ گهرجي ها.
هن چيو ته ڇا پاڪستان جا ماڻهو هن عوام دشمن بجيٽ جا حقدار آهن؟ اسان کي عام ماڻهو کي رليف لاءِ اڳتي وڌڻو پوندو، هارين کي مضبوط ڪرڻو پوندو، پاڪستان جو عوام بهتري جو حقدار آهي، اسان کي بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.
سندس چوڻ هو ته صدر آصف علي زرداري پاڪستان جي اتحاد جي ڳالهه ڪندو آهي، اها وقت جي ضرورت آهي، سخت گرمي ۾ سنڌ ۾ بجلي ناهي، 15 کان 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ عذاب آهي.

asefabhuttozardari ppp pmln

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.