پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ سوئنگ سلطان وسيم اڪرم چيو آهي ته منهنجو لاءِ نعمت آهي ته آئون پاڪستان ٽيم سان گڏ ڪم ناهيان ڪندو، انهي عهدي تي صرف تنقيد کي ٻڌڻ لاءِ ملندي آهي.
ڀارتي اسپورٽس ويبسائيٽ سان ڳالهائيندي وسيم اڪرم جو چوڻ هو ته هڪ سال ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جا 3 چيئرمين تبديل ڪيا ويا، رميز راجا کي هٽايو ويو، نجم سيٺي آيو، اهو ويو ته ذڪا اشرف اچي ويو، چار پنج مهينن بعد وري محسن نقوي کي آندو ويو، ائين ٽيم جي پرفارمنس بهتر ڪيئن ٿيندي؟
هن ٻڌايو ته بابر اعظم کي ڪپتاني کان هٽايو ويو ۽ شاهين کي ڪپتان بڻايو ويو، ان جي ڪپتاني ۾قومي ٽيم هڪ سيريز هاري ۽ ان عرصي ۾ چيئرمين به تبديل ڪيو ويو، جن اچي ڪري ڪپتان هٽايو انهن جي ڪري ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ اسانجو مذاق ٿيندو رهيو.
اڳوڻي ڪپتان جو چوڻ هو ته سٺو آهي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي معاملن کان پري آهيان، هتي عهدي دوران صرف تنقيد ٻڌڻ لاءِ ملندي آهي.
pakistan pct wasimakram
Next Post
You might also like