ممبئي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر وريندر سهواگ کي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ۾ ٻٽو معيار نظر اچڻ لڳو.
هڪ پروگرام دوران وريندر سهواگ چيو ته وهاب رياض ۽ محمد عامر هڪ ئي ٽي وي چئنل تي ويهي پنهنجي ٽيم کي تنقيد جو نشانو بڻائيندا هئا.
هن چيو ته اهي ٻئي رانديگرن تي تبصرا ڪندا هئا، هاڻ انهن مان هڪڙو سليڪٽر بڻجي ويو ۽ ٻيو قومي ٽيم جي اليون ۾ شامل آهي.
virendersehwag wahabriaz pakistancricketteam