اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي 15 ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن طرفان شاگردن کي غير قانوني طور داخلا ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
وفاقي وزارت جي اختيارين موجب 1200 کان وڌيڪ شاگرد انهن ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن ۾ تعليم پرائي رهيا آهن، پي ايم ڊي سي انهن 15 ميڊيڪل ڪاليجن کي گذريل سال داخلا ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو هو.
اختيارين ٻڌايو ته پي ايم ڊي سي جي تنبيهه باوجود ميڊيڪل ڪاليجن شاگردن کي غير قانوني داخلائون ڏنيون، 15 ميڊيڪل ڪاليجن کي گذريل پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن غير قانوني طور تي جزوي منظور ڪيو هو، جڏهن ته 15 ميڊيڪل ڪاليج فيس ۽ ٻين خرچن جي مد ۾ شاگردن کان هڪ ارب کان وڌيڪ رقم وصول ڪري چڪا آهن.
اختيارين موجب انهن ڪاليجن ۾ ڪراچي، سانگهڙ، لاهور، اسلام آباد، راولپنڊي ۽ پشاور جا ڪاليج شامل آهن، جڏهن ته 18 ميڊيڪل ڪاليجن جي حوالي سان ايف آءِ اي جاچ ڪري رهي آهي.
pmdc pmln pakistan