لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ڪيترن ئي رانديگرن ڪينيڊا جي گلوبل ٽي ٽوئنٽي ليگ سان معاهدو ڪري ورتو.
قومي ٽيم جو فاسٽ بالر شاهين آفريدي گلوبل ٽي ٽوئنٽي ليگ ۾ ٽورنٽو نيشنلز جي نمائندگي ڪندو.
آل رائونڊر افتخار احمد کي بنگلا ٽائيگرز مسي ساگا کنيو آهي، جڏهن ته وينڪوور نائٽس پاڪستان جي ٽن رانديگرن کي سائن ڪيو آهي.
معاهدي تحت محمد عامر، محمد رضوان ۽ بابر اعظم وينڪوور نائٽس طرفان کيڏندا.
globalt20league pakistancricketteam babarazam