سينٽ لوشيا (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سپر 8 مرحلي ۾ ڏکڻ آفريقا دلچسپ مقابلي کانپوءِ دفاعي چيمپيئن انگلينڊ کي 7 رنسن تان هارائي ڇڏيو.
سينٽ لوشيا ۾ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان کيڏندي ڏکڻ آفريقا مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 163 رنسون ٺاهيون.
ڊي ڪوڪ 65، ڊيوڊ ملر 43، هينڊرڪس 19، اسٽبز 12 رنسن سان اڳڀرا رهيا، انگلينڊ جي آرچر 3، معين علي ۽ عادل رشيد 1-1 وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ انگلينڊ جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 156 رنسون ٺاهي سگهي، هيري بروڪ 53 ۽ ليونگسٽن 33 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيا.
ڏکڻ آفريقا طرفان ربادا ۽ مهاراج 2-2، بارٽمين ۽ نورجي هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
savseng men’st20worldcup2024 icc