اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽر فاروق ايڇ نائيڪ چيو آهي اهو وقت پري ناهي جڏهن قبرن تي به ٽيڪس لڳندو.
سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ انوشي رحمان پڇيو ته ڇا قبر تي به ٽيڪس لڳايو پيو وڃي؟ جنهن تي فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته اهو وقت پري ناهي، اڃا آءِ ايم ايف کي ان جي خبر ناهي، آءِ ايم ايف جي دٻاءَ تي هر شئي تي ٽيڪس لڳايو پيو وڃي.
senateofpakistan ppp pmln