قاضي احمد: ثنا راهو جي آزادي لاءِ 12هين ڏينهن به احتجاج

قاضي احمد (رپورٽ: مومن جوڻو) قاضي احمد مان 8 مھينا اڳ مبينا اغوا ٿيل شادي شده ناري ثنا راھو بازياب نه سگھي.

اڄ ٻارھين ڏينهن به مغوي عورت جا وارثن سياسي، سماجي، سول سوسائٽي جي اڳواڻن احتجاج ڪيو.

پوليس اسٽيشن قاضي احمد جي مين گيٽ اڳيان احتجاج جو سلسلو جاري آھي.

احتجاج ڪندڙ امجد راھو، سونھن راھو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٻارھين ڏھاڙي پلي ڪارڊ بينر ۽ ناري ثنا راهو جون تصويرون هٿن ۾ کڻي نعري بازي ڪئي وئي.

ڊي ايس پي قاضي احمد زاھد حسين ميراڻي احتجاجي ڪئمپ تي پهچي مغوي جي وارثن کان معاملي جي ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ کين يقين ڏياريو ته پوليس آءِ ٽي ذريعي جانچ شروع ڪئي آھي جلد ڪاميابي ملندي.

ان موقعي تي اڳواڻن ڊي ايس پي اڳيان احتجاجي ڪئمپ لاءِ لڳايل شاميانا ۽ ڪناتون چوري ٿيڻ تي احتجاج ڪيو.

ڊي ايس پي پاران چوري واري معاملي کان لاتعلقي جو اظھار ڪيو ويو.

احتجاج ۾ ڌڻي بخش ڪلوئي، محسن راھو، ڏاڏو مهر، علي حسن خاصخيلي، فقير بشير خاصخيلي، سائل لاکو، غلام شبير سنگراھ، ڊاڪٽر غلام شبير چانڊيو سميت ٻين شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.