ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم اسسٽنٽ ڪوچ اظهر محمود بعد ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ناڪاميءَ کانپوءِ رائونڊر شاداب خان کي کيڏائڻ بابت خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي.
اظهر محمود کان سوال ڪيو ويو ته بدترين ڪارڪردگي باوجود شاداب خان ورلڊ ڪپ ميچون ڇو کيڏندو رهيو؟ جنن هن جواب ڏنو ته شاداب مڪمل پئڪيج آهي.
هن چيو ته بيٽرز جي ناڪامي کانپوءِ شاداب کي ڊراپ ڪرڻ ڏکيو فيصلو هو.
ان کانسواءِ سينيئر مئنيجر ۽ سليڪٽر وهاب رياض چيو ته اساما مير کي ٻڌائي ڇڏيو هوته شاداب جي تجربي جي بنياد تي اوهان جي ٽيم ۾ جڳهه نٿي ٺهي.
وهاب رياض چيو ته اساما مير جو پي سي بي چيئرمين سان سڌي ريت رابطو ڪرڻ افسوسناڪ هو.
You might also like