دنيا جي چئن کنڊن جا مختلف شهر موسمياتي تبديلي سبب هن وقت سخت ترين گرمي جي گهيري ۾ آهن.
ويجهڙائي وارن ڏينهن ۾ گرمي پد ۾ رڪارڊ واڌ سبب ايشيا ۽ يورپ ۾ سوين فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن.
ٻئي پاسي سعودي عرب ۾ حج جي ادائيگي دوران فوت ٿيندڙ حاجين جو انگ هڪ هزار کان ٽپي ويو آهي، جڏهن ته ڀارتي راڄڌاني نئين دهلي ۾ اٽڪل ٻه سئو ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا آهن، دهلي ۾ لاڳيتو 38 ڏينهن گرمي پد 40 سينٽي گريڊ يا ان کان وڌيڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
ماهرن موجب، عالمي سطح تي هڪ هيٽ ويو جي لهر جيڪا پهريان ڏهن سالن ۾ هڪ ڀيرو ايندي هئي هاڻي ڏهن ورهين دوران 2.8 ڀيرا ايندي جيڪا هڪ ڏهائي ٻه سينٽي گريڊ وڌيڪ گرم هوندي.
ان ڏس ۾ ورلڊ ميٽرولوجيڪل آرگنائزيشن جو چوڻ آهي ته ان ڳالهه جو 86 سيڪڙو امڪان آهي ته ايندڙ 5 سالن دوران هڪ سال 2023ع جي گرمي جو رڪارڊ به ٽوڙي ڇڏيندو.
HeatWave India SaudiArabia GlobalWarming