لاهور هاءِ ڪورٽ پاران هڪ ڀيرو ٻيهر دونهون ڇڏيندڙ گاڏين کي بند ڪرڻ جو حڪم

لاهور(ويب ڊيسڪ) هاءِ ڪورٽ دونهون ڇڏيندڙ گاڏين کي بند ڪرڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر اختيارين کي حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد ڪريم اسموگ جي تدارڪ لاءِ داخل درخواستن تي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته ٽريفڪ پوليس دونهون ڇڏيندڙ گاڏين خلاف ڪارروائي ڪري لاڳاپيل کاتي کي آگاهي ڏني وڃي.
عدالت جو چوڻ هو ته موٽروي پوليس باهه لڳڻ جي واقعن تي ڪارروائي ڪري، موٽروي جي ڀرپاسي ۾ باهه جا گهڻا واقعا رپورٽ ٿيندا آهن، جن تي ڪنٽرول ڪيو وڃي.
عدالت آءِ جي موٽروي کي عدالتي حڪمن تي عملدرآمد نه ٿيڻ تي توهين عدالت ڪارروائي ڪرڻ جو به چتاءُ ڏنو.
ُPunjab Court Cars

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.