اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) بجلي واهپيدارن تي ماهوار ٻه سئو کان هڪ هزار رپيا فڪس چارجز لاڳو ڪيو ويو آهي جڏهن ته تجارتي وهپيدارن تي مقرر چارجز 3 سئو سيڪڙو ۽ صنعتي استعمال تي 335 سيڪڙو تائين واڌ ڪئي وئي آهي.
نيپرا بجلي جا نوان ٽيرف متعارف ڪرائي ڇڏيا آهن، جيڪي پهرين جولاءِ کان لاڳو هوندا، 5 رهائشي واهپيدارن جي بجلي جي بلن ۾ ماهوار يونٽس جي کپت جي حساب سان 2 سئو کان هڪ هزار رپيا ماهوار چارجز مقرر ڪيا ويا آهن ۽ اهڙي ريت ڪمرشل لاءِ 3 سئو سيڪڙو صنعتي واهپيدارن لاءِ 355 سيڪڙو تائين اضافو ڪيو ويو آهي.
ان سان ڊسڪوز کي مقرر چارجز ذريعي پنهنجي آمدني واڌائڻ ۾ مدد ملندي، ماهوار 301-400 يونٽ استعمال ڪندڙ گهريلو واهپيدار پهرين جولاءِ 2024 کان 2 سئو رپيا ماهوار جي مقرر چارجز ادا ڪندا ۽ 401-500 يونٽ استعمال ڪندڙ چار سئو ادا ڪندا، جڏهن ته 501-600 تائين بجلي استعمال ڪندڙ واهپيدارن کي 6 سئو رپيا ادا ڪرڻا پوندا.
رهائشي واهپيدار جيڪي 601-700 يونٽ استعمال ڪن ٿا اُهي ماهوار 8 سئو رپيا ادا ڪندا ۽ 700 يونٽ کان وڌيڪ استعمال ڪرڻ وارا ماهوار هڪ هزار رپيا مقرر چارجز ادا ڪندا.
ٽي او يو ( ٽائيم آف يوز ) ميٽر استعمال ڪندڙ رهائشي واهپيدار به ماهوار هڪ هزار رپيا مقرر چارجز ڪندا.
پنج ڪلو واٽ کان گهٽ لوڊ وارن ڪمرشل واهپيدارن به ماهوار هڪ هزار رپيا مقرر چارجز ادا ڪندا جڏهن ته پنج ڪلو واٽ يا ان کان وڌيڪ لوڊ وارا بجليءِ جا ڪمرشل واهپيدار هاڻ موجودا پنج سئو کان ٻه هزار رپيا ادا ڪندا جنهن ۾ 3 سئو سيڪڙو واڌ ظاهر ڪئي وئي آهي.
ٽي او يو ميٽرنگ تحت 25 ڪلو واٽ تائين استعمال ڪندڙ صنعتي واهپيدارن جيڪي بي ون ڪيٽيگري ۾ اچن ٿا اهي هڪ هزار رپيا ادا ڪندا جڏهن ته بي ٽو ڪيٽيگري وارن واهپيدار پنج سئو ڪلو واٽ تائين فڪسڊ چارجز ۾ ٽي سئو سيڪڙو اضافو ڏسندا ڇو جو اُهي هاڻي پنج رپيا ماهوار مقرر چارجز بدران ٻه هزار رپيا ادا ڪندا.
پنج هزار ڪلو واٽ استعمال ڪندڙ بي ٿري ڪيٽيگري جي صنعتي واهپيدار 460 رپيا ماهوار کان 335 سيڪڙو واڌ سان ٻه هزار رپيا مقرر چارجز ادا ڪندا.
Nepra NewRate Pakistan electricitybill