” عوامي ردعمل سخت ٿيندو پيو وڃي، سنجيدگي ڏيکاريو“ علي امين جي هڪ ڀيرو ٻيهر وفاق کي ڌمڪي

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور هڪ ڀيرو وري ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته صوبي ۾ ٻارنهن ڪلاڪ کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، ڪٿي ائين نه ٿئي عوام ظابطي مان نڪري وڃي تنهنڪري وفاقي حڪومت سنجيدگي جو مظاهرو ڪري.
ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي صدارت هيٺ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ بابت اجلاس ٿيو جنهن دوران صوبي ۾ لوڊشيڊنگ جي تازي صورتحال، اوڳاڙي ۽ ٻين معاملن تي آگاهي ڏني وئي.
وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته هڪ مهيني دوران ڪي پي حڪومت جي سهڪار سان هڪ ارب رپين جي ريڪوري ڪئي وئي، پيسڪو جي ٿاڪن ۽ عملي کي پوليس جي سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي، عيدالاضحيٰ جي موقعي تي زيرو لوڊشيڊنگ جو واعدو ڪيو ويو پر عملدرآمد نه ٿيو، عيد تي ڪيئي علائقن ۾ 12 کان 18 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ ڪئي وئي، بجلي جي بندش سبب پهرين مئي کان هنيئر تائين اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف 81 احتجاجي مظاهرا ٿيا جنهن ۾ عورت پڻ شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي علي امين گنڊاپور چيو ته بجلي سان جڙيل مسئلا حل ڪرڻ لاءِ صوبائي حڪومت مڪمل سهڪار ڪري رهي آهي، افسوس جوڳي ڳالهه آهي جو وفاقي حڪومت پنهنجا واعدا پورا ناهي ڪري رهي، عيد جي موقعي تي به بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جاري رهي.
هن چيو ته ريڪوري کانپوءِ به بجليءَ جي لوڊشيڊنگ جاري آهي، لوڊشيڊنگ سبب ماڻهن جي زندگي زهر ٿي وئي آهي ۽ عوامي ردعمل سخت ٿيندو پيو وڃي، لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج ڪنهن هڪ سياسي پارٽي يا صوبائي حڪومت جو ناهي، لوڊشيڊنگ هڪ عوامي مسئلو آهي ۽ عوام جو ردعمل بنا سبب ناهي.
وڏي وزير هڪ ڀيرو وري چيو ته صوبي ۾ 12 ڪلاڪن کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ ڪنهن به صورت قبول ناهي، ڪٿي ائين نه ٿئي عوامي ردعمل ظابطي مان نڪري وڃي، وفاقي حڪومت کي ان سلسلي ۾ سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، صوبي ۾ لائين لاسز کي ختم ڪرڻ لاءِ ڀرپور سهڪار ڪري رهيا آهيون.

aliamingandapur federalgovernment KPK loadshedding

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.