پورهيتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ کاٻي ڌر جو عظيم اڳواڻ ڪرامت علي لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي يونين آف جرنلسٽس  پاران PILAR جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڪرامت علي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي،ڪراچي يونين آف جرنلسٽس جي صدر طاهر حسن خان، جنرل سيڪريٽري سردار لياقت ۽ مجلس عامله پنهنجي تعزيتي بيان ۾ چيو آهي ته ڪرامت علي پنهنجي سڄي زندگي مزدورن جي حقن ۽ جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ وقف ڪري ڇڏي. سندس وفات بعد پورهيت صحافي ۽ پٺتي پيل مظلوم طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهو هڪ سچي ۽ اصول پرست جمهوري شخصيت کان محروم ٿي ويا آهن، مرحوم جي وفات بعد پيدا ٿيل خال نه ٿو ڀرجي سگهي، KUJ جي مجلس عامله ڪرامت علي جي ڊگهي جدوجهد تي کيس خراج عقيدت پيش ڪئي ۽ لاڏاڻي تي سندس گهرڀاتين ۽ پونئرن سان دلي تعزيت جو اظهار پڻ ڪيوهوڏانهن سول سوسائٽي ۽ پورهيت اڳواڻن ناصر منصور، ڪامريڊ زهريٰ خان، لال بخش لالڻ،عاقب حسين، ڪامريڊ گل رحمان، رياض عباسي،محمد بچل سامٽيوگڏيل بيان ۾ ڪرامت علي جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته کاٻي ڌر جي مزدور اڳواڻ جي لاڏاڻي سان پاڪستان ۾ پورهيتن جي تحريڪ هڪ عظيم اڳواڻ کان محروم ٿي وئي آهي

  1. ڪرامت علي پورهيتن جو مضبوط آواز هو: مقبول باقر

ڪراچي(رپورٽر)پائلر جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر ڪرامت علي جي جنازي نماز انچولي ۾ ادا ڪئي وئي،جنازي نماز ۾ اڳوڻي صدر عارف علوي،فردوس شميم نقوي،اڳوڻي نگران وڏي وزير جسٽس (ر)مقبول باقر،صوبائي وزير سعيد غني،وقار مهدي ۽ ٻين سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي،عارف علوي چيو ته ڪرامت علي عالمي فورمن تي پاڪستان جي نمائندگي ڪندو هو،جسٽس (ر)مقبول باقر چيو ته ڪرامت علي پورهيتن جو مضبوط آواز هو،هو شاگردي واري زماني کان ئي جدوجهد ڪري رهيو هو،اميد ڪرڻ گهرجي ته ڪرامت علي جهڙا ماڻهو معاشري ۾ پيدا ٿين،ڪرامت علي پورهيت برادري لاءِ ڇپر ڇانو هو،سعيد غني چيو ته ڪرامت علي جو خال ڀرڻ ناممڪن آهي،هو اهڙي شخصيت جو آخري ساهه تائين پنهنجي مقصد لاءِ ڪم ڪري رهيو هو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.