ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عوامي آواز جي رپورٽرن کي هراسان ڪرڻ وارو معاملو ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي، مظلوم جي آواز کي دٻائڻ جو سلسلو جاري آهي.
عوامي آواز ميڊيا گروپ بدين جي رپورٽر رزاق ڏنو کوسو کي گارگند ۽ ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن. رپورٽر رازق ڏنو کوسو جو چوڻ آهي ته اسان جي قلم کي ڪير به روڪي نٿو سگهي.
گذريل ڏينهن رزاق ڏنو کوسو کي اڻڄاتل شخص موبائل تي فون ڪري نالو وٺي گارگند ڪئي ۽ ڌمڪيون ڏنيون، رازق ڏنو کوسو پاران کانئس پڇيو ويو ته هو ڪير آهي ۽ ڇو گاريون ۽ ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي تنهن تي به اڻڄاتل شخص گارگند ۽ ڌمڪين جو سلسلو جاري رکيو.
رزاق ڏنو کوسو عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته گارگند ڪندڙ جو نمبر مون وٽ محفوظ آهي، جلد قانون موجب ڪارروائي لاءِ ايس ايس پي بدين کي درخواست ڏني ويندي.
You might also like