ٻوڏ سان سنڌ ۾ وڏي تباهي ٿي، 10 سالن ۾ به ازالو نه ٿيندو: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جو ٻوڏ سبب 30 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو، نقصان جو ازالو ايندڙ 10 سالن ۾ به نٿو ٿي سگهي.
اين ڊي ايم اي جي قومي هنگامي سينٽر ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ٻوڏ سان سڀ کان وڌيڪ تباهي سنڌ ۾ ٿي، 100 ارب رپيا ٻوڏ متاثرن جي بحالي تي خرچ ڪيا.
هن اين ڊي ايم اي کي هر ممڪن وسيلن جي فراهمي جي خاطري ڪرائي ۽ اداري جي موسمياتي تبديلي بابت نظام جي تعريف ڪئي.
سندس چوڻ هو ته اين ڊي ايم اي کي جيڪو سامان گهربل آهي، ان لاءِ صوبن سان گڏجي پلان جوڙينداسين.

shahbazsharif pmln ppp

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.