ڪبريٰ خان جو انٽرويوز ڏيڻ کان پري رهڻ جو انڪشاف

پاڪستاني ڊراما ۽ فلم انڊسٽري جي اداڪارا ڪبريٰ خان انٽرويوز نه ڏيڻ جو حيران ڪندڙ سبب ٻڌائي ڇڏيو آهي.
ڊراما سيريل ”هم ڪهان ڪي سچي تهي“ ۾ پنهنجي منفرد ڪردار سان مشهور اداڪارا ڪبريٰ خان جو شمار پاڪستان جي خوبصورت اداڪارائن ۾ ٿيندو آهي.
”نامعلوم افراد“ جي اداڪارا ڪبريٰ خان تازو ئي نجي ويب کي انٽرويو ڏنو،جنهن ۾ هن نجي ۽ پيشاوراڻي زندگي تي ڳالهايو.
انٽرويو دوران اداڪارا کان سوال ڪيو ويو ته ڇا اوهان انٽرويو ڏيڻ ڇڏي ڏنو آهي؟
هن جواب ۾چيو ته مان هاڻ گهڻا انٽرويو ڏيڻ کان پرهيز ڪندي آهيان، انٽرويوز بعد سوشل ميڊيا تي اداڪارائن کي حراسان ڪيو ويندو آهي.
Kubrakhan Actress interviews

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.