پاڪستاني عورت ايٿليٽ ثمر خان يورپ جي سڀ کان بلند ترين چوٽي ايلبرس ڪاميابي سان سر ڪري ورتي.
خيبرپختونخوا سان واسطو رکندڙ ثمر خان 5642 ميٽر جي چوٽي ڪاميابي سان سر ڪئي، هوءَ اِهو اعزاز ماڻيندڙ پاڪستان جي پهرين عورت ايٿليٽ آهي.
ثمر خان فرنٽيئر ڪور نارٿ جي سهڪار سان يورپ جي بلند ترين چوٽي سر ڪئي ۽ هوءَ چوٽي سر ڪرڻ کانپوءِ سنو بورڊنگ ذريعي واپس لٿي.
ثمر خان کي دنيا جي ٽئين سڀ کان وڏي غير قطبي گليشيئر تي سائيڪل هلائڻ جو اعزاز پڻ حاصل آهي، هن 2021 ۾ ريڊ بل هوميرن سنو بورڊنگ ڊوڙ ۾ به پهرين پوزيشن حاصل ڪئي هئي.
Pakistaniathlete SamarKhan Europe highest peak Mount Elbrus