رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي موسميات کاتي چيو آهي ته هاڻ کان هر سال حج سيزن گرمين مان نڪري سياري ڏانهن منتقل ٿيندو.
سعودي ميڊيا موجب هن سال حج دوران غير معمولي گرمي رهي، سعودي اختيارين هيٽ اسٽروڪ کان بچاءَ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا.
سعودي ميڊيا جو چوڻ آهي ته موسميات کاتي جي ترجمان حسين القحطاني ٻڌايو ته ايندڙ سال جو حج گرمين جو آخري حج هوندو.
هن چيو ته ايندڙ سال کانپوءِ 8 سالن جي عرصي لاءِ حج سيزن بهار ۾ ٿيندو ۽ ان کانپوءِ وڌيڪ 8 سالن ۾ حج سياري ۾ ايندو.
سندس چوڻ هو ته اهڙي ريت 16 سالن تائين حج سيزن گرم موسم ۾ نه ايندو.
saudiarabia ksa hajj2024