روس ۽ اتر ڪوريا جي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ معاهدي تي عالمي ردعمل

سيئول (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ ڪوريا روس ۽ اتر ڪوريا جي گڏيل اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ معاهدي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته روس جي اتر ڪوريا لاءِ فوجي امداد سان ڏکڻ ڪوريا ۽ روس جي لاڳاپن تي ناڪاري اثر پوندا.
ڏکڻ ڪوريا چيو آهي ته اهڙا قدم جنهن سان اتر ڪوريا جي فوجي صلاحيت وڌائڻ ۾ مدد ملندي گڏيل قومن جي ٺهرائن جي ڀڃڪڙي آهن.
ڏکڻ ڪوريا آمريڪا ۽ جاپان سان سيڪيورٽي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
هوڏانهن جاپان به روس ۽ اتر ڪوريا جي معاهدي تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو آهي.
چين ان معاملي تي تبصري کان انڪار ڪندي ان کي اتر ڪوريا ۽ روس جو ٻه طرفو معاملو قرار ڏنو.
ٻئي پاسي نيٽو جي سيڪريٽري جنرل چيو ته معاهدي سان ظاهر ٿئي ٿو ته آمراڻيون طاقتون صفبندي ڪري رهيون آهن.

usa russia japan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.