آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ آسٽريلوي ڪپتان مچل مارش کي بالنگ هلائڻ لاءِ فٽ قرار ڏنو ويو آهي.
ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب، آل رائونڊر مچل مارش سپر ايٽ مرحلي ۾ بالنگ هلائي سگهندو.
مچل مارش آءِ پي ايل دوران انجري جو شڪار ٿيو هو، کيس ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي پهرئين مرحلي ۾ بيٽنگ لاءِ فٽ قرار ڏنو ويو .
ان ڏس ۾ مچل مارش جو چوڻ آهي ته مون کي بالنگ جي اجازت ملي چڪي آهي، ٿي سگهي ٿو بالنگ جي ضرورت نه پوي.
هن وڌيڪ چيو ته هن وقت سموري بالنگ لائين اَپ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهي آهي ۽ شايد سپر ايٽ مرحلي مونکي آسٽريليا لاءِ بالنگ جي ضرورت پيش نه اچي.
ياد رهي ته سپر ايٽ مرحلي ۾ آسٽريليا جي بنگلاديش خلاف ميچ 21 جون تي شيڊيول آهي .
T20WorldCup2024 cricketaustralia australiancricketteam