وڏي وزير پاران سنڌ سرويلينس سسٽم ۽ پوليس هيلٿ ڪارڊ منصوبن جو افتتاح

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سي پي او آفيس ۾ ٻن منصوبن جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي جن ۾ سنڌ سرويلنس سسٽم ايس فور ۽ پوليس هيلٿ ڪارڊ جو منصوبو شامل آهن.
تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته امن امان جو قيام پاڪستان پيپلزپارٽي جي پهرين ترجيح آهي، وڌ ۾ وڌ ٽيڪنالاجي جو استعمال اسان جي قائد بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن جي عڪاسي ڪري ٿو. سنڌ اسمارٽ سرويلينس سسٽم ايس فور جديد ۽ ماڊرن ٽيڪنيڪس جو مجموعو آهي.
وڏو وزير آءِ جي پوليس جي آفيس پهتو جتي گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار ۽ آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ سندس آجيان ڪئي.
وڏي وزير پاران منصوبن جي افتتاح کانپوءِ کيس ڪنٽرول روم ۾ بريفنگ ڏني وئي.
گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار ٻڌايو ته 40 ٽول پلازن تي لڳل ڪيمرا سي پي او ڪراچي جي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر سان ڳنڍيل آهن.
آءِ جي پوليس ٻڌايو ته منصوبي سان سڀني ايندڙ ۽ ويندڙ رستن لاءِ سيڪيورٽي جو حل قائم ڪرڻو آهي.
وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته جديد سسٽم سان سڀني ٽول پلازن تي اسمارٽ سرويلنس ٿي سگهندي، 9 ميگا پڪسل ڪيمراز ۾ نائٽ ويزن جي سهولت به هوندي، عالمي معيار موجب سي پي او ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول روم ۾ سڀ سهولتون قائم ڪيون ويون آهن.
وڏي وزير هدايت ڪئي ته هر ٽول پلازا تي بنا رنڊڪ جي هموار ڪنيڪٽيويٽي کي يقيني بڻايو وڃي. سنڌ حڪومت ڪيمرا سسٽم جي خريداري لاءِ تقريبن ڏيڍ ارب رپين جي فنڊز جي منظوري ڏني.
تقريب کي خطاب ڪندي آءِ جي سنڌ چيو ته سي ڊي آر ۽ لوڪيٽرز ملڻ کانپوءِ پوليس کي ڏوهن تي ضابطي ۾ مدد ملندي، وڏي وزير پوليس اسٽيشن کي سڌي ريت بجيٽ ڏئي ايس ايڇ او کي ڊي ڊي او جا اختيار ڏنا.
تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته سنڌ جي سمورن ٽول پالزن تي لڳل ڪيمرا چهري جي سڃاڻپ ۽ آٽوميٽڊ نمبر پليٽ جي جاچ جي صلاحيت رکن ٿيون، هن سسٽم ۾ ڪيمراز جي لائيو فيڊ هڪ سينٽرل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول روم ۾ موجود سرور ذريعي جائزو وٺندي.
وڏي وزير چيو ته مان هن نظام جي ڪاميابي تي سموري سنڌ پوليس کي مبارڪ ڏيان ٿو، اميد آهي ته هن نظام کي ڏوهن خلاف اثرائتي طور تي استعمال ڪري هن کي وڌيڪ مضبوط ۽ اثرائتو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي…..

CMSindhMuradAliShha  SindhSurveillanceSystem safetycityproject SindhPolice
You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.