سعودي عرب: سخت ترين گرمي سبب 577 حاجي سڳورا اجل جو شڪار

مڪو شريف ( ويب ڊيسڪ ) مڪي شريف ۾ هلندڙ حج سيزن دوران شديد گرميءَ سبب گهٽ ۾ گهٽ 577 حاجي سڳورا حياتي وڃائي ويٺا.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، گرمي سبب فوت ٿيندڙ حاجين ۾ 323 جو واسطو مصر سان آهي جڏهن ته 144 انڊونيشيا سان تعلق رکندڙ آهن.
گرميءَ سبب اردن جا 60 ۽ تيونس جا 35 حاجي فوت ٿيا جڏهن ته حج دوران گرمي سبب ايران جا 11، سينيگال جا 3 حاجي فوت ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب، سومر جي ڏهاڙي مڪي شريف ۾ گرمي پد 51 ڏهائي 8 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو هو.
ياد رهي ته سعودي موسميات کاتي هلندڙ سال حج سيزن دوران سخت ترين گرميءَ جي اڳڪٿي ڪئي هئي ۽ ان مناسبت سان سعودي جي حج ۽ عمري واري وزارت طرفان حاجي سڳورن لاءِ هر هنڌ پاڻي جي ڦوهارن ۽ ٿڌي پاڻي جو بندوبست ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.