اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ جي راڄڌاني اسلام آباد، راولپنڊي، پشاور، سوات ۽ مالاڪنڊ سميت خيبرپختونخوا جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن.
زلزلي جي لوڏا اتر وزيرستان، پارا چنار، لوئر دير، هنگو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پڻ محسوس ڪيا ويا. ان کانسواءِ چارسدا ۽ صوابي ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن.
زلزلي پيما مرڪز موجب، زلزلي جي شدت 4.7 هئي ۽ مرڪز ڏکڻ افغانستان جو علائقو هو، جڏهن ته زمين اندر زلزلي جي اونهائي 98 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي .
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ به پاڪستان مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا هئا.
You might also like