”نوم چومسڪي زنده آهي“ جڳ مشهور مفڪر جي گهرواريءَ موت جي خبرن کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو

جڳ مشهور آمريڪي فلسفي نوم چومسڪي جي گهرواري مڙس جي لاڏاڻي جي خبرن کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، آمريڪي فلسفي جي گهرواري جو چوڻ آهي ته نوم چومسڪي زنده ۽ سندس لاڏاڻي جي خبرن ۾ ڪا به سچائي نه آهي.
هن چيو ته نوم چومسڪي کي برازيل جي هڪ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو ۽ هاڻ سندس صحت ۾ بهتري اچي رهي آهي.
ياد رهي ته نوم چومسڪي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي ظلمن ۽ ڀارت ۾ وڌندڙ اسلاموفوبيا خلاف ڪيئي ڀيرا مختلف پليٽ فارمز تي آواز اُٿاري چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.