سانگهڙ (ويب ڊيسڪ) سانگهڙ ۾ اٺ جي ڄنگهه ڪپڻ جي الزام ۾ 5 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.
ايس ايس پي اعجاز شيخ جو چوڻ آهي ته اٺ جي ڄنگهه ڪپڻ جي الزام ۾ 5 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن مان ٻن اعتراف ڪري ورتو آهي.
واضح رهي ته بااثر وڏيري زرعي زمين ۾ اٺ داخل ٿيڻ تي ڪاوڙ ۾ اچي تکي اوزار سان اٺ جي ڄنگهه ڪپي ڇڏي هئي.
sanghar sindh ppp