ڪراچي:پان جي دڪان مان ڦرلٽ وارو مامرو،ڊي ايس پي معطل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پان جي دڪان مان ڦرلٽ وارو واقعي جو وڊيو وائرل ٿيڻ بعد آءِ جي سنڌ ڊي ايس پي ظفر جاويد کي معطل ڪري ڇڏيو.
ڊي ايس پي ظفر جاويد پٽ سميت پان جي دڪان مان ڦرلٽ جي الزام ۾ گرفتار آهي.
آءِ جي سنڌ ڊي ايس پي کي معطل ڪندي واقعي جي جاچ لاءِ ڊي آءِ جي سي آءِ اي مقدس حيدر کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو.
نوٽيفڪيشن موجب ڊي آءِ جي سي آءِ اي کي 15 ڏينهن اندر مڪمل رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.
ياد رهي ته ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال 13 ڊي ۾ 2 ڏينهن اڳ سادا ڪپڙا پهريل جوابدارن پوليس موبائيل ۾ سوار ٿي پان جي دڪان مان ڦرلٽ ڪئي هئي، جنهن بعد دڪان مالڪ جي فرياد تي واقعو جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو.
سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد ڊي ايس پي ۽ سندس پٽ کي گرفتار ڪيو ويو هو.
Karachi pakistan Sindhpolice

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.