عيدالاضحيٰ: ٽرانسپورٽ مافيا سرگرم، ڀاڙن ۾ وڏي واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٽرانسپورٽ مافيا عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ڀاڙن ۾ واڌ ڪري ڇڏي.
عيد جي موقعي تي پبلڪ ٽرانسپورٽ مافيا ڀاڙن ۾ هٿرادو واڌ ڪري ڇڏي، ڪراچي کان ٻين شهرن ڏانهن پنهنجي پيارن سان گڏ عيد ڪرڻ لاءِ ويندڙ لٽجڻ تي مجبور ٿي پيا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪراچي کان لاڙڪاڻي تائين 1500 بدران 2500 رپيا ڀاڙو ورتو پيو وڃي، جڏهن ته نواب شاهه ويندڙ مسافرن کان به 500 رپيا واڌو ڀاڙو وصول ڪيو پيو وڃي.
اسلام آباد جو ڀاڙو 5 هزار رپيا آهي پر ٽرانسپورٽ مافيا 7 هزار وصول ڪري رهي آهي، جڏهن ته حيدرآباد جو ڀاڙو به 5 سئو بدران هڪ هزار ورتو پيو وڃي.

eiduladha karachi sindh

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.