عيد الضحيٰ تي ڪهڙيون ٽيلي فلمون رليز ٿينديون؟

پاڪستان ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان عيد جي موقعي تي ڪجهه فلمون رليز ڪيون وينديون آهن، هن ڀيري به پرستارن جي دلچسپي خاطر ڪجهه فلمون پيش ڪيون وينديون.

• جوڙي بن گئي

معروف اداڪار فيروز خان ۽ سحر خان هن عيد تي پهريون ڀيرو ڪنهن ٽيلي فلم ۾ گڏجي جوا ڏيکاريندا، هن ٽيلي فلم کي سمرا بخاري لکيو آهي ۽ سيد رميش رضوي ڊائريڪٽ ڪيو آهي، چيو پيو وڃي ته اها ٽيلي فلم تفريح سان ڀرپور هوندي.

• احسن خان جي ٽيلي فلم

احسن خان جيڪو پاڪستاني ڊراما انڊسٽري جو سڃاتو ويندڙ اداڪار آهي، جنهن ڪيترائي ئي سپر هٽ ڊراما ڏنا آهن، هاڻي احسن خان هڪ مختلف ڪردار ذريعي واپس اچي رهيو آهي ڇو ته هو پنهنجي ايندڙ ٽيلي فلم لاءِ هڪ عورت جو ڪردار ادا ڪندو، ان سان گڏ امر خان ۽ صدرا نيازي اداڪاري ڪندي.

• لوو (محبت) هي مشڪل

علي رحمان خان ۽ ماهه نور حيدر اي آر واءِ ڊجيٽل تي نئين ٽيلي فلم ”محبت مشڪل هي“ ۾ نظر ايندا، ٻئي اسٽار انهي ٽيلي فلم ۾ پنهنجي اداڪاري سان پرستارن جون دليون کٽڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

• تيري نام ڪا ٽيٽو

مشهور اداڪار ارسلان نصير ۽ سحر هاشمي اي آر آءِ ڊجيٽل ٽيلي فلم ”تيري نام ڪا ٽيٽو“ ۾ نئين جوڙي طور جلوا گر ٿيندا.

انهي ٽيلي فلم ۾ بهروز سبزواري، صبا حميد جهڙا اسٽارز به آهن ۽ عيد الضحيٰ جي خصوصي موقعي تي اميد ڪئي پئي وڃي ته اها هڪ ڀرپور ڪاميڊي فلم هوندي جيڪا ڏسندڙن کي پنهنجي طرف مائل ڪندي.
Pakistan TeleFilms Showbiz

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.